ڪرتارپور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ سان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي ت?? گامزن ٿيندو ۽ ام?? سان ڪروڙ??ن ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو مع??ملو نه آهي پر انسانيت جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسان?? سان جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ت?? ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خوشي سان ڀريل آهي. ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هي?? سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو.