لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آڪ??فو??ڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آڪ??فو??ڊ يونين جيڪا بااثر اڳواڻن ۽ مفڪرن جي ميزباني جي لاءِ مشهور آهي، ان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. آڪ??فو??ڊ يونين جي صدر ديشا هيگڊي نگران وزيراعظم سان هڪ انٽر ايڪٽو سوال ۽ جواب جي سيشن کي موڊريٽ ڪيو جنهن ۾ اهم قومي، علائقائي ۽ عالمي مسلئن تي سندس ??يزن بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سان آڪ??فو??ڊ يونيورسٽي جي شاگردن سوال ڪيا جيڪي اڳواڻن ۽ اسڪالرز جي اڳئين نسل سان واڳيل هئا. ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم پاڪستان جي معيشت، سياست، سلامتي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ??ي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آڪ??فو??ڊ يونين جي آفيس ۾ نگران وزيراعظم عالمي مباحثي ۽ قيادت جي جوڙجڪ ۾ اداري جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون. ان کان نگران وزيراعظم آڪ??فو??ڊ سينٽر فار اسلامڪ اسٽڊيز جو پڻ دورو ڪيو جتي سندس استقبال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحان احمد نظامي ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي مرڪز جو دورو ڪرايو ۽ کيس بين الثقافتي افهام ۽ تفهيم ۽ اسلامي تهذيب جي مطالعي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اها تقريب فڪري مٽاسٽا ۽ مڪالمي جو هڪ اهم لمحو هو جنهن ۾ عالمي حصيداري ۽ فڪري ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو.