ٽوڪيو-28 مارچ (اي پي پي)جاپان ۾ اضافي ڊائٽ غذا”بيني ڪوجي“ گوري جي استعمال سب?? ٻه ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 100 کان وڌيڪ اسپتال ۾ داخل آهن، ميڊيا رپورٽن موجب جاپان جي صحت واري وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بيني –ڪوجي جي استعمال سب?? ٻه ماڻهو فوت ٿيا آهن،موت جو وڌيڪ ڪارڻ معلوم ڪرڻ لا??ِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي،فوت ٿي ويلن مان هڪ شخص ڄاڻايل گوري اپريل 2021 کان فيبروري 2024 جي وچ ۾ استعمال ڪئي هئي. ڪوباياشي فارماسوٽيڪل ڪمپني جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بيني-ڪوجي ۾ ڳاڙهي رنگ جي چانور جو خمير شامل آهي جڏهن ته گوري جي استعمال کان پوءِ 100 ماڻهو اسپتال ۾ داخل ٿي چڪا آه??،ا??ثر مريضن جا گڙدا ختم ”فيل“ ٿي ويا آهن، جاپاني ڪمپني ڄاڻايل دوا” گورين“ کي مارڪيٽ مان و??پس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.