اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته د??يا جي سامهون سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ مودي سرڪار ٻڌائي ته معصوم ڪشميرين تي ظلم، بر??ريت، جبري گمشدگيون، عورتن جي عصمت دري، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي پيلٽ گنن جي ذريعي نابين بڻائن ڪهڙي جمهوريت آهي، وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي سمورن عالمي فورمن تي اجاگر ڪر?? لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻينداسين، پاڪستان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪر?? تائين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي، اخل??قي حمايت جاري رکندو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪشمير گهيراءُ ۾ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.