اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا و??ئر?? کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد سان و??ئر?? جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان م??سڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ما??هن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدو?? طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو مطلب ڪورونا و??ئر?? جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ما??هو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد سان ئي و??ئر?? جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، م??سڪ پائڻ سان و??ئر?? جي ڦهلاءُ ۾ 50 س??ڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.