اسلام آ??اد – 03 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) درآمدي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ج?? قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي درآمد ٿيل پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نقصان کان بچڻ جي ??اء?? مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي. اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اعليٰ عدليه جي في??لن، آبزرويشنز ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي حوالي سان ٻين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي روشني ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي هيومن ريسورس ريئلائيزيشن منصوبي جي مڪمل ۽ ??تم?? منظوري ڏئي ڇڏي.