اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت وڏن شهرن ۾ شاپنگ ??الز کولڻ ۽ 20 مئي کان ٽرينون هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، شاپنگ ??الز ۽ بازارن ۾ سماجي فاصلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ڪورونا وبا کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، ڪاروباري طبقي جي سهولت لاءِ عيد جي ڏينهن ۾ ب?? صنعتون هلائڻ جي اجازت هوندي، اسان کي ڪورونا سان گڏوگڏ بک جو به مقابلو ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.