اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته موجو??ه غيرمعمولي صورتحال ۾ لاڪ ڊائون کان وڌيڪ بک ۽ بدحالي خطرناڪ آه??، لاڪ ڊائون ڪورونا جو علاج نه عارضي قدم آه??، جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غريب ۽ لاچار طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿام ۽ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، احتياطي تدبيرن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، پوليس عوام تي سختي بدران دوستاڻو رويو اختيار ڪري، لاڪ ڊائون جي حوالي سان حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آه??، عوام جي زندگين کي غيرضروري خطري ?? وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي جنهن سان عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ سفيد پ??ش ماڻهن جو ڪاروبار واڳيل آه??. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.