اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ۾ وڏي پئماني تي مالي گهپلن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪ??ري ملازمن بي آءِ ايس پي مان ناجائز فائدو کنيو، 2037 آفيسر بايوميٽرڪ ذريعي وظيفا وٺندا ??هيا، بي آءِ ايس پي جي آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو جڏه?? ته سمورا ڪيس ايف آءِ اي کي ڏينداسين، دوکيبازي ۽ مدد ڪندڙن جي خلاف فوجد??ري ڪيس داخل ڪيا ويندا، سرڪ??ري آفيسرن ۾ اڪثر گهرڀاتين ذريعي فائدو کڻندا ??هيا. اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهزاد اڪبر بي آءِ ايس پي ۾ اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن پاران فراڊ ذريعي مالي فائدا حاصل ڪرڻ بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪ??ري آفيسرن غريبن جا حق ماريندي بي آءِ ايس پي مان فائدو کنيو.