اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ ??خص??ص ڪيل فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي سان ل??ڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي سان ل??ڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي سان ل??ڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي سان اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لا??اپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار، مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ ??خص??ص ڪيل بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.