واشنگٽن-22 مارچ (اي پي پي) آمر??ڪا جو پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن غزه ۾ جنگ بندي جي سلسلي ۾ دٻاءُ وجهڻ لاءِ اسرائيل روا??و ٿي ويو آهي. فرانس جي خابرو اداري اي ايف پي موجب اسرائيل جي اهم حمايتي آمر??ڪا اعلان ڪيو آهي ته هو جمعي ڏينهن ووٽنگ لاءِ سلامتي ڪائون??ل ۾ هڪ مسودو پيش ڪندو جنهن ۾ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي جي هڪ حصي طور تي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويندو. آمريڪي پرڏيهي وزير سعودي عرب ۽ مصر ۾ ڳالهين کانپوءِ جمعي ڏينهن اسرائيل لاءِ روا??و ٿيو. اسرائيل رفح ۾ هڪ نئون زميني حملو شروع ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.