اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ عملدارن کي هدايت ڏني ته اهي من??وب?? ٽن سالن ??ندر مڪمل ڪيا وڃن، اهي من??وب?? علائقي جي ترقي ۽ رابطي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهن. وفاقي وزير منصوبن جي وقت سر پورو ٿيڻ تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي جلد کان جلد انهن جا فائدا حاصل ٿين ۽ علائقي جي اقتصادي ترقي ۾ اضافو ٿئي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير احسن اقبال پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) 25 -2024ع جي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صد??رت ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزاررت جي اعليٰ عملدارن سڄي ملڪ ۾ جاري پي ايس ڊي پي منصوبن تي رکيل فنڊن، انهن کي جاري ڪرڻ ۽ هن وقت تائين ڪيل خرچن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي رٿابندي واري وز??رت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته پي ايس ڊي پي تحت جاري سمورن منصوبن جي وقت سر پورو ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وفاقي وزير احسن اقبال بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منصوبن جو جائزو وٺندي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي من??وب?? ٽن سالن ??ندر مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته وفاقي حڪومت، بلوچستان جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي. بلوچستان جي انهن منصوبن ۾ 224 ارب روپين جي ماليت جي اين 25- ڪي خضدار – ڪچلاڪ رو?? کي ٻن لائين وارو ڪرڻ، ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن رو?? جون ٻه لائينون ۽ بحالي ۽ ڪرارو رو?? ۽ ڪچلاڪ – چمن رو?? جي ٻن لائن جي تعمير جي منصوبن، 96 ارب روپين جي ماليت جي حوشاب – آواران- خضدار سيڪشن ٽو جي تعمير، حوشاب – آواران ڪيوزر سيڪشن ون جي تعمير، گوادر – رتوديرو رو?? جي تعمير ۽ وانگو پهاڙي سرنگهه جي تعمير، جڏهن ته 76 ارب روپين جي ماليت جو يارڪ کان ساگوزوب رو?? ۽ 7 روپين جي ماليت جو آواران کان جهل جهاور رو?? جا من??وب?? شامل آهن. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته رٿابندي واري وز??رت ٻين وزارتن کان ترقياتي بجيٽ تحت وقت سر خرچن کي يقيني بڻائي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ٽه ماهي لاءِ وزارتن جي مالي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر آگاهي حاصل ڪري جنهن ۾ پرڏيهي امداد سان جاري منصوبن جي تفصيلن کي اهميت ڏني وڃي ته جيئن فنڊن جي فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. احسن اقبال چيو ته اهڙا من??وب?? جن تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي فنڊ فراهم ڪري مڪمل ڪيو وڃي، هن هدايت ڪئي ته پرڏيهي امداد سان هلندڙ من??وب?? جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي نون منصوبن کي شامل ڪرڻ جي گنجائش پيدا ٿئي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جو پي ايس ڊي پي فائيو ايز ۽ پنج سالن ??ي من??وب??بندي جي هدفن سان ڳنڍُڻو پوندو. انهن منصوبن کي ترجيحي ڏني وڃي جيڪي ان هدف تي پورو لهندا، وفاقي وزير چيو ته پي ايس ڊي پي تحت جاري من??وب?? نه رڳو ملڪي ترقي لاءِ اهم آهن پر عوامي فلاح ۽ بهبود لاءِ به ضروري آهن، تنهن ڪري انهن جي وقت سر تڪميل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي انهن منصوبن مان وقت سر فائدو حاصل ٿئي.