اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي س??ڪيورٽي ??ورسز کي خراج تحسين پيش ڪند?? چيو آهي ته قوم کي س??ڪيورٽي ??ورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ??ورسز بهادر جوانن آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ جي ضلعن ۾ 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. وزيراعظم چيو ته آوارن ۾ 3 انتهائي گهربل دهشتگردن کي انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويو، قوم کي س??ڪيورٽي ??ورسز جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ متحرڪ آهي.