راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي، ج??هن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ??ائ??م سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه ??رفي بحري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ ٻه ??رفي تربيت، بحري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه ??رفي بحري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ??ائ?? سيڪيورٽي ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تع??ون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير خطي ۾ ميري ??ائ?? سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.