اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) پار??يا??ينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي ا??) جي ميمبرن بئريسٽر عقيل ملڪ، بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ پي جي ا?? کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته عالمي ا??ن ۽ انصاف جي فراهمي ۾ پار??يا??اني نمائندن جو ڪردار هن وقت اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ عالمي قانون، موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جهڙن اهم مسئلن تي ڀرپور ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان فورم ۾ شريڪ پاڪستاني ۽ عالمي نمائندن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پار??يا??ينٽيرينز عالمي چئلينجن جي حل ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندا. هو گذريل ڏينهن پار??يا??ينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن (پي جي ا??) جي اجلاس جي ا??تتاحي تقريب جي ويهڪ کان پوءِ قومي خابرو اداري ا?? پي پي سان ڳالهائي رهيو هو. پي جي ا?? جي ميمبر ۽ قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ته پاڪستان هميشه عالمي ا??صاف ۽ انساني حقن جي اصولن جو پاسبان رهيو آهي. هن فلسطين ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن تي عالمي برادري کي ٻٽي معيار جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جدوجهد عالمي ا??صاف کي هٿي وٺائڻ جي عڪاسي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي. پي جي ا?? جي ميمبر ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي پار??يا??اني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستاني سياستدانن جو ڪردار عالمي ا??ن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئ??ي جهڙن تڪرارن کي حل ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن هڪ منصفاڻو ۽ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان عالمي ا??ن کي هٿي وٺائڻ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان عالمي ا??صاف جي اصولن تي ڪاربند رهنداسين. پي جي ا?? جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مرزا اختيار بيگ قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر ??ي ڳالهين جي تائيد ڪندي چيو ته موسمياتي تبدي??ي جهڙن چئلينجز تي عالمي سهڪار جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي برادري سان گڏ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو علمبردار رهيو آهي ۽ عالمي ا??ن جي بحالي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي انصاف، امن ۽ انساني حقن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، عالمي برادري کي به هڪجهڙي انصاف جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي.