اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پاڪستان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جو مضبوط حامي آهي، ڪشمير مسئلي تي وزيراعظم محمد شه??از شريف جو جرئتمنداڻو موقف ڪشمير ڪاز جو پاڪستان جي پختي عزم ۽ پراڻي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي خواهش جو ڀرپور اظهار آهي. 27 آڪٽوبر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي فوجي قبضي جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. هندستان ان ڏينهن ڪشميرين جي جي خواهشن ابتڙ پنهنجي فوج ڪشمير ۾ لاهي غيرقانوني طور تي قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فاشسٽ حڪومت جي ظلمن ۽ ظالماڻين پاليسين باوجود ڪسميري عوام پنهنجي آزادي لاءِ بهادريءَ سان غيرتمند جدوجهد ڪري ??هي?? آهن. هن چيو ته ڪ??ميري عوام والاريل ڄمون ڪشمير کي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. عطاالله تارڙ چيو ته پاڪستان ڪڏهن به دنيا ۾ ڪشميرين جي جائز مقصد جي وڪالت کان پوئتي ناهي هٽيو. پاڪستان هميشه ڪ??ميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪ??مير مسئلي جو واحد قبولڻ جوڳو حل گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ ش??اري آهي پر ڀارت ڪشمير جي قانوني حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڳولهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان روڪي. هن چيو ته اسان يقين رکون ٿا ته ڪ??ميري عوام پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندو ۽ آزادي جو خواب ساڀيان ٿيندو.