اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي ڏس ۾ پاڪ ڪوريا ڪلچرل گالا جو اه??مام ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان ۾ ڪوريا جي سف??رتخاني ان ثقافتي ميلي جو اه??مام ڪيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز ۽ ڪوريا جو سفير موجود هئا. ڪلچرل گالا دوران ٻنهي ملڪن جي فنڪ??رن پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو. پاڪستاني فنڪ??رن بلال سعيد، نتاشا بيگ، عزير جسوال ۽ ??ما??يان ميوزڪ بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ڪوريا پاران ڪڪي وانگ تيڪوانڊو ٽيم ۽ ٻين فنڪ??رن جي پرفارمنس ڪلچرل گالا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. حاضرين فنڪ??رن جي پرفارمنس مان ڀرپور محظوظ ٿيا ۽ دل کولي داد ڏني. ڪلچرل گالا ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.