اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار 21 کان 26 آڪٽوبر تائين ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ اهم عالمي مسئلن ۽ چئلينجز تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ موسميا??ي تب??يل??، اقتصادي ترقي ۽ دولت مشترڪه جي برادري ۾ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. محمد اسحاق ??ار جو ڪامن ويلٿ بزنس فورم ۾ ”ٽرانسفارمنگ اوور ورڪ فورس“ ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ نوجوانن کي بااخت??ار بڻائڻ، هنر جي ترقي ۽ ڊيجيٽل تب??يل?? تي پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندو. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ٻين ميمبر ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو. بيان موجب دولت مشترڪه جي 2024ع جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستان شرڪت دولت مشترڪه سان ان جي مسلسل ڳانڍاپي ۽ ننڍي پيسفڪ جزيرن جي ملڪن سان انهن جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.