اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته لياقت علي خان جي ??لڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ??يو. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ ??خل?? ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان جي ??هرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ??رسي جي ??وقعي تي جاري پنهنجي ??يغام ۾ اسپيڪر چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي ??رسي جي ??وقعي تي قوم ۽ ملڪ لاءِ پيش ڪيل قربانين ۽ خدمتن ??ي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چيو ته لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي ??زيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت علي خان جي ??قش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر لياقت علي خان جي ??رسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت ??ي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت علي خان جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.