اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم( ايس سي او) سربراهي اجلاس 2024ع هڪ گهڻ رخي مصروفتين جو پليٽ فارم آهي ۽ پاڪستان علائقائي رابطن، سلامتي، اقتصادي سهڪار ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. شنگهائي تعاون تنظيم 2024ع جي موقعي تي پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ل??ءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سان نجي ڳالهين ۽ ملاقاتن جو موقعو آهي. هن چيو ته سمورن شريڪ ملڪن جي سربراهن وچ ۾ علائقائي چيلنجن تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ بهترين موقعو به آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ هڪ وڏو ملڪ آهي پر في الحال اسان جو ڌيان سڄي خطي تي آهي. هن چيو ته پاڪستان صرف هندوستان تي ڌيان ناهي ڏئ?? رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان جو ميمبر ملڪن جي سربراهن خاص طور تي چين ۽ روس جي وزيراعظمن سان وڏيون مصروفتيون آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪن وچ ۾ اقتصادي خوشحالي ۽ رابطن ل??ءِ علائقائي ملڪن جي مفاد ۾ سارڪ جهڙي ٻين علائقائي فورمز کي فعال ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته ??ول??ه وارن ملڪن معيشت، واپار، گڏيل ثقافتي سرگرمين ۾ سهڪار ل??ءِ يورپي يونين جهڙا ڪيترائي پليٽ فارمز قائم ڪيا آهن، ان ل??ءِ هن قسم جو سهڪار هن خطي ۾ به قائم ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن ل??ءِ سارڪ جهڙو پليٽ فارم گهڻو اهم آهي.