اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمبر، سنڌ جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??حم?? اسحاق ڊار ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ اهم قومي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ گذريل ڏينهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ ملڪ ۾ جم??ور??ت جي استحڪام جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري جي ڪردار کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ فلسطينين جي پاڪستان پاران امداد جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فلسطينين جي امداد جي لاءِ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي شموليت کي ساراهيندي ان کي خوش آئنده قرار ڏ??و ويو، پوري پاڪستاني قوم اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي مدد جي لاءِ متحد آهي.