اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي وزيراعظم جي پاڪس??ان جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاء?? هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. چين جي وزيراعظم جو پاڪس??ان جو امڪاني دورو تمام گهڻو اهم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ نون معاهدن ۽ من??وب?? تي صحيحين جو ام??ان آهي جيڪي سي پيڪ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چين جي وزيراعظم جي امڪاني دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ان اجلاس ۾ چين پاڪس??ان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري من??وب?? جي اڳڀر??ئي جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ جي مختلف من??وب?? جي رفتار جو تفصيلي جائزو وروتو ويو جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي زونز جا ترقياتي ڪم شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاء?? هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ته جئين ٻئي ملڪ گڏجي خطي ۾ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ توان??ئي ۽ بنيادي ڍانچي جي من??وب?? سان گڏوگڏ صنعتي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته ان فيز ۾ خاص اقتصادي زوز کي هٿي وٺرائڻ هڪ اهم هدف آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو.