اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي، آئيني حدن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهي??ن ٿا، ڄاڻايل آئيني ترميمن جو انداز ميثاق جم??ور??ت جا دستاويز آهن، انهن ترميمن کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄاڻايل ترميمون آئيني معاملن کي متوازن بڻائڻ آهي. ڄاڻايل آئيني ترميمن جو انداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثاق جم??ور??ت آهي. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. انهن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿي وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميمن جي تجويز آهي. آئيني عدالت جي ضرورت جو ذڪر به ميثاق جم??ور??ت ۾ آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئيني عدالتون موجود آهن. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آهن. عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪوشش ?? اسان جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري جو طريقيڪ??ر بڻايو ويو آهي. اسان آئين موجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار کي اثرائتو بڻائڻ چاهي??ن ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسان جو حق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ گهرجي. آئين پارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهي??ن ٿا، ان ۾ اسان جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثاق جم??ور??ت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لاءِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آهي. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو انهن تجويزن سان اختلاف نٿو ڪري سگهي. اسان آئين کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثاق جم??ور??ت سان مطابقت رکندو هجي.