اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو ??واب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق آهن. گذ??يل ڏينهن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي قائداڻين صلاحيتن ۽ بصيرت کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قائداعظم جي مدبراڻي، اصول پسند ۽ دور انديش قيادت عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو ??واب ساڀيان ٿيو ۽ هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آيو جتي سمورن شهرين کي برابري جا حق، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن جتي هو پنهنجي رسمن، رواجن ۽ عقيدن مطابق مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري سگهن. انهن خيالن جو ??ظهار هن باباءِ قوم جي 76هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر چيو ته باباءِ قوم جي زندگي اصول پسندي، جدوجهد، سياسي بصيرت، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سونهري اصولن جو ??ملي نمونو هئي. هن چيو ته قائداعظم اهڙي رياست جي قيام جو ??واب ڏٺو هو جتي ڪنهن کي لساني، طبقاتي، مذهبي ۽ عددي بنيادن تي فوقيت حاصل نه هجي. اسپيڪر ان موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي رهنما اصولن تي ع??ل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هن وقت ملڪ کي جن چئلينجز جو ??نه?? ڏسڻو پئجي رهيو آهي انهن کي پاڪستان جي باني جي رهنما اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي ع??ل پيرا ٿي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ??هترين طريقو اهو آهي ته سندس سونهري اصولن تي ع??ل پيرا ٿي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪيون. هن سمورين سياسي پارٽين کي پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي درجن جي بلندي ۽ سندس سونهري اصولن تي ع??ل پيرا ٿيڻ ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائڻ جي دعا گهري.