اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪ??بينا چين پاڪستان لنگهه تحت مين لائين ون منصوبي جي اپ گريڊيشن جي لاءِ پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سا?? ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪ??بينا جو اجلاس وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزي??اع??م ڪابي??ا کي پنهنجي گذريل ڏينهن جي ڪوئيٽا جي دوري جي حوالي سا?? اعتماد ۾ ورتو. وزي??اع??م چيو ته بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس ۽ ليويز جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزي??اع??م چيو ته بلوچستان جي صوبائي حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي. وفاقي حڪومت بلوچ نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بلوچستان حڪومت سا?? مڪمل تعاون ڪندي، وفاقي ڪ??بينا چين پاڪستان لنگهه جي اهم منصوبي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جي لاءِ چين ۽ پاڪستان جي ريلويز جي وچ ۾ ايم ايل ون جي پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سا?? ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته حتمي معاهدو منظوري جي لاءِ ڪابينا آڏو ٻيهر پيش ڪيو وڃي. ڪابي??ا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 29 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.