اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف تيراهه واديءَ جي ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج نام نهاد لشڪر اسلام ۽ جماعت الا??را?? جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? چيو ته پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد خارجي ليڊرن سم??ت 25 دهشتگردن کي ماريو ۽ 11 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو. هن چيو ته آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي مون سم??ت پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزير??عظ?? چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ ??ان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزير??عظ?? چيو ته فتنه الخوارج کي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ملڪ ??ان خاتمي جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.