اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسرائيلي م??ڊي?? ۾ شايع ٿيندڙ ان??ن رپورٽس جي ترديد ڪندي انهن کي ب?? بنياد قرار ڏنو آهي جن ۾ پاڪستان پاران ايران جي حمايت جي لاءِ ممڪن طور ائٽمي هٿيار موڪلڻ جي عزم جو الزام هنيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي يروشلم پوسٽ جي 6 آگسٽ جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار وڌي ٿو ته پاڪستان ايران کي شاهين ٿري وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ترجمان چيو ته اهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي رپورٽس تي ڪو ڌيان ڏيڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته اهڙي ب?? بنياد رپورٽس جي پٺيان ماخذ ۽ ان جي پٺيان موجود بدنيتي تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته هي وچ اوڀر ۾ هڪ نازڪ وقت آهي، ان لاءِ اسان م??ڊي?? سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪ??يون ٿا ته اهي جعلي خبرن کي ڦهلائڻ ۾ ملوث نه ٿين.