جده – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عاطف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪ??دي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عاطف واپار ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي ??طرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.