اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪ??نفرنس آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي ڪنوينر غلام محمد صفي وفد سان گڏ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو ۽ ??وم استحصال جي حوالي سان پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل حمايت ج?? ورجاءُ ڪيو. هتي جاري بيان مطابق ڪي پي ڪي هائوس آمد تي حريت ڪ??نفرنس جي وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. غلام محمد صفي سميت ج??رل سيڪريٽري پرويز احمد ايڊووڪيٽ، سيڪريٽري اطلاعات مشتاق احمد بٽ، سيد فيض نقشبندي، اعجاز رحماني، راجا خادم حسين، حسن البنا، محمد اشرف ڊار، زاهد مشتاق ۽ ٻين اسلام آباد ۾ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو. ملاقات ۾ ڪنوينر غلام محمد صفي ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019?? تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جي رد ٿيڻ جتي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي آهي اتي عالمي برادري لاءِ کُليل چئلينج به آهي.ڇاڪاڻ ته ڪشمير مسئلو هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي ۽ ڀارت ان جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشميري ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ عالمي دنيا ان ڏينهن کي ??وم سوڳ طور ملهائيندا. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪشمير م ڀارت طرفان جاري ظلم ۽ ڏاڍ، قتل ۽ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته اسان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان کنيل سمورن غيرقانوني ۽ غير آئيني قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا. اسان والاريل ڪشمير جي عوام جي حق تي ٻڌل خوداراديت واري حق جي جدوجهد سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين ۽ حريت وفد کي ي??ين ڏياريو ته ڀارت کان آزادي جي ان جدوجهد ۾ پي ٽي آءِ پاڪستان ۽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اوهان سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ قيادت 5 آگسٽ ??وم استحصال ڪشمير ڀرپور طريقي سان ملهائيندي.