اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي بنا فيس جي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين نظام تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون، ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو. ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محدم شهباز شريف پرڏيهي سيڙپڪارن، ڪاروباري برادري ۽ سياحن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بڻائڻ جي حوالي سان چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان اهم قدم کنيا آهن، گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن وڏو قدم کڻندي، ويزا رجيم ۾ نرمي ڪئي آهي. جيڪا هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي آهي، گلف ڪنٽريز ڪائونسل جي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن لاءِ پاڪستان ۾ ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي، جنهن عيوض نار جي ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم چيو ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي 24 ڪلاڪن اندر آن لائين ويزا تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون. انهن126 ملڪن جي واپارين، سياحن کي ويزا فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين لاءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويندو، وزيراعظم چيو ته مذهبي سياحت ۾ بهتري جي حوالي سان ٽئين مڪ جو پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين لاءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت لاءِ ڌار کان سب ڪيٽيگري جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪراچي، لاهور ?? اسلام آباد جي هوائي اڏن تي اليڪٽرانڪ گيٽس جو اي نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا مقدس هنڌ آهن ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جا ٻيا اتريان علائقا سياحن لاءِ جنت آهن. وزيراعظم چيو ته نئين ويزا رجيم تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان گهرو وزارت ۾ هڪ ڊيش بورڊ به ??ائ?? ڪيو ويندو، ان حوالي سان ذڪر ڪيل ملڪن کي ويزا فري اينٽري، بزنس ويزا لسٽ ۽ ٽوئرسٽ ويزا آن ارائيول جي نگراني ڪندو ۽ جائزه رپورٽ فراهم ڪندو، نئين ويزا رجيم تي گهرو وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.