اسلام آباد – 17 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان بنون ڪنٽونمينٽ دهشتگرد حملي تي افغان ڊپٽي هيڊ آف مشن کي طلب ڪري افغانستان سان شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، دهشتگرد حملي ۾ افغانستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گروپ ملوث آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ترجم??ن چيو ته اسلام آباد ۾ افغانستا?? جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري کيس 15 جولاءِ 2024ع تي بنون ڪنٽونمينٽ تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي پاڪستان پاران احتجاجي خط ڏنو ويو. حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪارن شهادت ماڻي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اهو دهشتگرد حملو افغانستان ۾ موجود حافظ گل بهادر گروپ پاران ڪيو ويو. حافظ گل بهادر گروپ تحريڪ طالبان پاڪستان سان گڏجي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ سوين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار?? جي موت جو ذميوار آهي. احتجاجي خط ۾ چيو ويو آهي ته عبوري افغان حڪومت بنون حملي جي جاچ ڪري ۽ ان ۾ ملوث شرپسند?? جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري ۽ افغانستا?? جي سرزمين تان پاڪستا?? جي خلاف ٿيندڙ حمل?? جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي. پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگرد?? جي ٺڪاڻ?? جي موجودگي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان پاڪستا?? جي سلامتي کي شديد خط??ا درپيش آهن. ترجم??ن چيو ته اهڙي قسم جي واقعن سان ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا پڻ متاثر ٿين ٿا. ترجم??ن چيو ته بنون ڪنٽونمينٽ حملو هن خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي سنجيده خطر?? جي ياد ڏياري ٿو. ترجم??ن چيو ته پاڪستان دهشتگرد?? جي خلاف مناسب قدمن جو مطالبو ڪندي پاڪستا?? جي سلامتي جي خلاف سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.