اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان ڪوئيٽا روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچست??ن جي گورنر ?? وڏي وزير کانسواءِ بلوچستان ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم بلوچست??ن جي آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت پاران هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان پڻ ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو.