اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايج??ڪي??ن بورڊ لاهور جي امتحانن ۾ دانش ??سڪول جي شاگرد محمد آيان ڪ??شف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته دانش ??سڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دانش ??سڪول ميانوالي جي محمد آيان ڪ??شف بورڊ جي امتحان ۾ 1190 نمبر کڻي پنهنجي قابليت مڃرائي آهي. محمد آ??ان?? سندس گهرڀاتين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته دانش ??سڪول جون ٻارڙيون ۽ ٻار نئون مثال بڻجي اڀري رهيا آهن. دانش ??سڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ کي تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم بورڊ امتحان ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻين عبيرا اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.