اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي حڪومت جي سموري ڪارروائي کي اليڪٽرانڪ – آفيس (اي آفيس) تي منتقل ??رڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سرڪاري آفيسن ۽ ادارن ۾ اي آفيس لاڳو ??رڻ بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزي شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان ا??ضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اي آفيس جي نظام، ان تي عملدرآمد ۽ سڌارن تي ا??ڀر??ئي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي اي آفيس ۾ سڌارن ۽ ان تي جلد ع??لدرآمد جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم سموري حڪومتي ڪارروائي کي ڪاغذي فائيلن کان ا?? آفيس تي منتقل ??رڻ جي لاءِ جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم پڇيو ته 20 سال اڳ اي آفيس تي ڪم شروع ٿيو، ايتري عرصي ۾ ان تي مثبت ا??ڀر??ئي ڇو نه ٿي. وزيراعظم اهو به پڇيو ته سڄي دنيا ۾ اي آفيس تي ڪم ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ان منصوبي جي راهه ۾ ڇو رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته اي آفيس تي منتقلي سان نظام ۾ شفافيت پيدا ٿيندي، ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهبا. اڄ جيڪڏهن رڳو سرڪاري خريداري ۾ ئي اي آفيس لاڳو ٿي چڪو هجي ها ته هيستائين ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهجيا پئي. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن ڄاڻي واڻي اي آفيس جي نظام کي سستي جو شڪار رکيو. اي آفيس جي استعمال کي آسان ۽ جديد ۽ محفوظ بڻايو وڃي. اي آفيس نظام جي تياري ۽ ان کي لاڳو ??رڻ جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو مثالن کان م??د ورتي وڃي. وزيراعظم چيو ته اي آفيس جي نئين سر تياري جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جي م??د ورتي وڃي. اي آفيس سان لاڳاپيل اسٽاف جي ميرٽ تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ غيرضروري، غيرلاڳاپيل ۽ مسلسل ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي نوڪري تان فارغ ڪيو وڃي.