اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيج??ن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيج??ن جي پرڏيهي وزير جيهون بيرا??وف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ڌرين بنيادي دلچسپي جي معاملن تي سدائين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مستقبل ۾ ٻئي ڌريون عالمي فورم تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکندا. وزيراعظم نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 29 جي ميزبان شهر جي طور تي باڪو جي چونڊ تي پرڏيهي وزير بيرا??وف کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ان اهم ايونٽ جي ڪامياب نتي??ن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آذربائيجان سان گڏجي ڪم ڪندو. جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران صدر الهيام عليوف سان پنهنجي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي وزيراعظم آذربائيج??ن جي صدر کي هن سال جي آخر ۾ پاڪست??ن جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. آذربائيج??ن جي پرڏيهي وزير مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. هن آذربائيج??ن جي قيادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ کيس آذربائيج??ن جي پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڀرپور خواهش جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير بيرا??وف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊا?? جي دعوت تي پاڪست??ن جو دورو ڪري رهيو آهي.