اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وسيع پئماني تي ٻطرفي تع??ون کي سگهه ڏيڻ خاص طور تي و??پار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تع??ون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن غزه جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ فوري ۽ غيرم??رو?? جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن تي زور ڏنو. وزيراعظم ڪشميري عوام ۽ ان جي جائز حقن جي لاءِ ايران جي و??ضح ۽ اصولي حمايت تي ايراني قيادت کي ساراهيو.