اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين، ترڪيه ?? قطر جا ٿورا مڃيا آهن. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني س??ل جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر پاڪستان ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته آمريڪا، يورپي يونين ?? برطانيا اسان جا واپاري حصيدار آهن ۽ اميد آهي ته آمريڪا، يورپي يونين ?? برطانيا سان تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. صدر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ – چين پائيدار اسٽريٽجڪ ۽ سدابهار دوستي خطي ۾ استحڪام جو بنياد آهي، اسان علائقائي امن، رابطن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ استحڪام برقرار رکڻ جا خواهشمند آهيون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تڪميل سميت گڏيل هدفن جي فروغ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين ?? دشمن عنصرن کي اهم منصوبي ??ي خطري ۾ وجهڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت ??ه ڏينداسين. صدر چيو ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين.