مڪه مڪرمه – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو، ان ??وقعي تي بيت الله جا دروازا کول?? وزيراعظم کي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم پنهنجي سع??دي عرب جي دوري ۾ سومر ڏينهن وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. هن خانه ڪعبه جو طواف ڪيو ۽ عمري جا ٻيا فرض ادا ڪيا. وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل پڻ ادا ڪيا، کيس بيت الله جا دروازا کولي خاص زيارت ڪرائي وئي. وزيراعظم ان ??وقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. هن عالمي امن، سڄي دنيا جي مسلمانن خاص طور تي فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي حق ۾ پڻ خصوصي دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ پنجاب ج?? وزيراعليٰ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.