اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سالياني رپورٽون ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، پارليامينٽ مان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن تي عملدرآمد بابت حڪمت عملي ملڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو. سينيٽ ج?? ا??لاس ۾ سينيٽر مشتاق جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪ?? 230 (4) تحت اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سالياني رپورٽون پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، انهن رپورٽن جا تفصيل اڳ ۾ ئي ايوانن ۾ موجود آهن، حڪومت پاران اها ذميوار?? پوري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ پاران انهن رپورٽس تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي ??دايتون ناهن مليون، ان ڳالهه جي خاطري ڪائي وڃي ٿي ته پارليامينٽ پاران جڏهن به ??ا حڪمت عملي ملندي، حڪومت رولز آف بزنس 1973ع موجب ان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرائيندي.