اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙ??ن جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لازمي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي آهي، فائونڊيشن معاشري ۾ مع??ار??، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد مع??ار??، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين پهچ وڌائڻ آهي، ريڊ فائونڊيشن يتيم ٻا??ن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادا??ن جو اهم ڪردار آهي، يتيم ٻا??ن جي تعليم ۽ خودمخت??ار?? ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن کي ??ار??هيو.