اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي باني پاڪستان قائ??اع??م محمد علي جناح کي سندس 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائ??اع??م ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ۽ جدا خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ پوري قوم محسن پاڪستان قائ??اع??م محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، ب??ني پاڪستان قائ??اع??م محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته با??اءِ قوم پنهنجي صلاحيتن، عزم ۽ غيرمعمولي ڪردار جي ڪ??ي پاڪستان جي خواب کي حقيقت ۾ بدلايو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي با??اءِ قوم جي اصولن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي ٻين اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ مضبوط تر ملڪ بڻائينداسين.