تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلو?? منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ ج??هوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ازبڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگران وزيراعظم ا?? رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي ??مو??ر ڪرڻ کانسو??ءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي رابطن جي ل??ءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلو?? منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.