اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد م??مت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي ??يگناهه فلسطينين جي قتلام کان روڪي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد م??مت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ?? شهري مارجي ويا. هن چيو ته ??سپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي. عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي ??حفظ فراهم ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته ??سان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته ??ها تشدد کي ??وڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??المي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.