مدينه منوره – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ مسجد نبوي ﷺ ويو جتي هن روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ دعائون گهريون. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم مسجد نبوي ﷺ جي ڀرپاسي عالمي ميلي ۽ سيرت نبوي ﷺ ۽ اسلامي تهذيب سان لاڳاپيل عجائب گهر جو دورو ڪيو. ميوزيم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني سندس شاندار استقبال ڪيو. نگران و??ير??عظم کي دوري جي موقع?? تي تاريخي عجائب گهر بابت جامع بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ نبي آخرالزمان ﷺ جي زندگي ۽ تعلي?? سان گڏوگڏ اسلامي تهذيب کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. نگران و??ير??عظم ميوزيم کي ساراهيندي اسلامي ور??ي جي تحفظ ۽ ان کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني نگران و??ير??عظم کي شيلڊ ۽ ڪتاب پيش ڪيا جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسلامي ور??ي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ??ي رشتي جي علامت آهي. مدينه منوره ۾ عالمي ميلي ۽ ميوزيم پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ اسلامي تهذيب نمايان ڪرڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. اهو ميوزيم نمائشن ۽ ملٽي ميڊيا تي پريزنٽيشنز سان گڏ هڪ عميق تجربو پيش ڪري ٿو ۽ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ بابت تاريخ، اهم واقعن ۽ تعليم تي روشني وجهي ٿو، هن ميوزيم ۾ مختلف شعبن ۾ اسلامي تهذيب جي ڪاميابين کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ميوزيم بين المذاهب مقالمي، افهام تفهيم جي فروغ ۽ متنوع عقيدين ۽ گهرجن جي احترام جي فروغ جو مرڪز آهي.