نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان وقت ج?? اهم چئلينجز کي منهن ڏيڻ، امن، استحڪام، انصاف، برابري ۽ گڏيل خوشحالي جي پنهنجي ويزن کي پورو ڪرڻ ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان خطي ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني آمريڪي ڪميونٽي آمريڪا ??ان مضبوط لاڳاپا قا??م ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستان آمريڪا لاڳاپن ۾ اهم ٿنڀ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبيل جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ايشيا سوسائٽي ۾ ”پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي: امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي ڳولا“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ا??ان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهيون، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڳڻتي ٽي ٽي پي کان دهشتگردي جو خطرو آهي، پاڪستان ان معاملي تي افغانستان جي عبوري حڪومت ??ان ويجهي رابطي ۾ آهي. دهشتگردن ??ان وڙهڻ ۽ شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندي هن زور ڏنو ته افغانستان ۾ قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن کي پاڙيسري ۽ پوري عالمي برادري جي لاءِ خطرو سمجهڻ گهرجي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ افغان عملدارن ۽ عالمي برادري ??ان انهن جي وطن واپسي جي لاءِ ڪم جاري رکندو. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان افغانستان ۾ انساني حقن جي صورتحال خاص طور تي عورتن جي حقن، ڇوڪرين جي تعليم ۽ عورتن جي ملازمت بابت مسئلن تي عالمي برادري جي خدشن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان وقت ج?? اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ امن، استحڪام، انصاف، برابري ۽ گڏيل خوشحالي جي پنهنجي ويزن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي دنيا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ا??ان پنهنجي معيشت کي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ پائيدار ترقي طرف وٺي وڃڻ جي لاءِ ڀرپور عزم رکون ٿا ۽ پنهنجي ويزن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرجوش سڌارا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي ترجيحن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ ۽ ريگيوليٽري نظام کي هموار ڪرڻ آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته آزادي کانپوءِ کان پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ آمريڪا ??ان حصيداري ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا لاڳاپن ۾ سيڪيورٽي ۽ داعي تعاون اهم ٿنڀ رهيو آهي جڏهن ته ٻنهي طرفن کان واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، زراعت، آءِ ٽي (انفارميشن ٽيڪنالاجي) ۽ ٽيڪ سيڪٽر جهڙن غيرسيڪيورٽي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ملڪ جي ڪوششن ۾ اڻٿڪ تعاون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ??ان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ج?? غيرقانوني قدمن ۽ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان معصوم ڪشميرين جي انساني حقن جي ڪڌين خلاف ورزين لاڳاپن کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي، اهڙي طرح جي ڏکئي ماحول ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام جي مقصدن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن تي پرامن تعميري ڳالهه ٻولهه تي زور ڏنو ويو آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته چين ??ان پاڪستان جا لاڳاپا تاريخي آهن ۽ مضبوط واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن، چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ وڏو سيڙپڪار آهي، خاص طور تي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان جا چين ??ان لاڳاپا ڪنهن ٻئي ملڪ ??ان پنهنجي لاڳاپن جي قيمت تي نه آهن، آمريڪا ??ان پاڪستان جا مضبوط لاڳاپا آهن. هن چيو ته ا??ان کي يقين آهي ته ا??ان آمريڪا ۽ چين ٻنهي ??ان ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپا رکي سگهون ٿا، ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ پل طور ڪم ڪرڻ کانپوءِ ا??ان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ مستحڪم ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا عالمي ترقي، ترقي ۽ سلامتي جي لاءِ اهم آهن. يوڪرائن جي بحران تي هن چيو ته پاڪستان جنگ جي خاتمي ۽ يوڪرائني عوام جي مصيبتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، ا??ان اميد ڪريون ٿا ته روس ۽ يوڪرين ٻنهي جي ماڻهن کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ امن قا??م ٿي ويندو. عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ عالمي تعاون بابت هن چيو ته پاڪستان سدائين کان گهڻ رخي جو مضبوط حامي رهيو آهي، ان ڳالهه تي يقين آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ا??ان تڪرارن کي حل، غربت ج?? خاتمو ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي سطح تي امن ۽ سلامتي جي هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن کي پڻ اهم هٿيار سمجهي ٿو. نگران پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي کي هڪ ٻيو اهم عالمي چئلينج قرار ڏنو ۽ چيو ته گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان گلوبل وارمنگ ۾ سڀ کان گهٽ حصيدار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي جي بدترين اثرن ۾ ورتل آهي. هن چيو ته ا??ان آمريڪا جهڙن پنهنجي دوستن جي مدد ??ان نئين سر تعمير، قا??ل تجديد توانائي، ٻيلن جي بحالي ۽ پائيدار زراعت ج?? طريقن ۾ سيڙپڪاري ڪري ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.