اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا قانون ۾ ترميم کي ??قت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو آ??ي ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آ??ي، پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پيمرا قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، پيمرا بل جي 9 شقن ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آ??ي، پهريون ڀيرو صحافين کي ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، اڳ ۾ صحافي کي ??گهار گهرڻ تي نوڪري مان ڪڍيو ويندو هو، بل تحت ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين بدران ٽي رڪني ڪميٽي وٽ ويندو، بل جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دوران سڀني ڌرين سان ڊگهي ??شاورت ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پيمرا ترميمي آرڊيننس 2023ع جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن نفيسا شاهه، زيب جعفر، ناز بلوچ سميت اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پيمرا چيئرمين سليم بيگ ۽ ڊي جي ريڊيو طاهر حسن شرڪت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2023ع ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان ترميمي بل 2023ع تي غور ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل 2023ع جي مقصدن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع کانپوءِ پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو ترميم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ميڊيا جو پورو منظرنامو تبديل ٿي چڪو آ??ي. پيمرا قانون ۾ ترميم وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ 13 مهينن جو عرصو لڳو، ان دوران سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ ميڊيا هائوسز جي مالڪن سان ڊگهي ??شاورت جو سلسلو جاري رهيو. هن چيو ته پيمرا ترميمي بل تحت پهريون ڀيرو صحافين کي شڪايت ڪائونسل ۾ پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، ان کان اڳ صحافي کي ??گهار گهرڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويندو هو. هن چيو ته اڳ ۾ ڪنهن به چينل کي بند ڪرڻ جو اختيار پيمرا چيئرمين وٽ هو، هاڻي هن قانون تحت اهو اختيار ٽي رڪني ڪميٽي وٽ هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پي ايم ڊي اي جهڙا ڪارا قانون آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن جي تشريح بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن تي جدا جدا ڪم ڪيو ويو. هن چيو ته ڄاڻي واڻي غلط خبر هلائڻ تي 10 لک روپيا ڏنڊ کان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا هوندو. هن چيو ته اڳ ۾ ڪنهن چينل تي غلط خبر هلي ته اهو چيو ويندو هو ته صحافي اها خبر ذاتي حيثيت ۾ ڏني، هاڻي ان کي چينل سان ڳنڍيو ويو آ??ي. هن ڪميٽي جي ميمبرن کي ??ڌايو ته پيمرا قانون جي 9 سيشنز ۾ ترميم جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آ??ي. پيمرا بل ۾ پيمرا قانون جون شقون 2، 6، 8، 11، 13، 24، 26، 27، 29 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان بل ۾ 20، 20 اي، 29 اي، 30 بي، 39 اي جي نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آ??ي. هن چيو ته بل جي مُنڍ ۾ خبر جي جڳهه تصديق ٿيل خبر، تحمل ۽ برداشت، معاشي ۽ توانائي جي ترقي، ٻارن بابت مواد جا ??فظ شامل ڪيا ويا آهن. بل تحت عوام جي تفريح، تعليم ۽ معلومات جي دائري کي ??سيع ڪيو ويو آ??ي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تصديق ٿيل خبرن، معاشري ۾ تحمل ۽ برداشت جي فروغ جو مواد پنهنجي نشريات ۾ استعمال ڪندو. عوامي ترقي، توانائي، معاشي ترقي بابت مواد به نشريات ۾ شامل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته بل ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ??لازمن جي وقت سر پگهارن جي ادائيگي جو پابند بڻ??يو ويو آ??ي. وقت سر ادائيگي مان مراد اليڪٽرانڪ ميڊيا ملازمن کي ??ن مهينن جي اندر ڏني ويندڙ ادائيگيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ??يمرا ۽ شڪايت ڪائونسل جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي جي سمورن فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بڻ??يو ويو آ??ي. هن چيو ته پگهارن جي عدم ادائيگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ??راهم نه ڪيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته براڊ ڪاسٽ ميڊيا لائيسنس 20 سالن جي لاءِ ۽ ڊسٽري بيوشن لائيسنس 10 سالن جي عرصي لاءِ هوندا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي معمول جي پروگرامن دوران اشتهارن جو وقت 5 منٽن کان وڌيڪ نه هوندو. هن چيو ته آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ خلاف ورزي هن بل تحت (سنگين خلاف ورزي) تصور ٿيندي. مريم اورنگزيب چيو ته هي ??ڪ تاريخي بل آهي. پيمرا قانون ۾ پهريون ڀيرو پي ايف يو جي ۽ پي بي اي کي ??مائندگي ڏني وئي آهي. جڏهن ته ٽي وي چينلز جي ضابطاڪار ۾ (ڊس انفارميشن) نشر نه ڪرڻ جو شرط به شامل ڪيو ويو آ??ي. هن چيو ته عوام، ادارن ۽ ٻين شڪايتن جي ازالي لاءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارين حڪومتن ۾ شڪايت ڪائونسلز ٺاهيون وينديون. شڪايت ڪائونسلز اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حڪومتي پاليسي، وقت سر پگهارن جي ادائيگي کي ??اڳو ڪرڻ کي ??قيني بڻ??ئيندي. شڪايت ڪائونسل هڪ چيئرمين ۽ 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو مدو 2 سال هوندو. هن چيو ته پيمرا جي فيصلن جي خلاف ورزي لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبر نفيسا شاهه چيو ته بل ۾ ترميم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اسان کي ??قت ڏنو وڃي، جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بل جي حوالي سان سڀئي شيون توهان کي ڏنيون ويون آهن، هن بل ۾ 9 ترميمون ڪيون ويون آهن جڏهن ته 5 نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آ??ي. نفيسا شاهه چيو ته ڪنهن به بل جي تياري ۾ حڪومت هڪ سال لڳائي ڇڏيندي آهي ??ر ڪميٽي کي چيو ويو آ??ي ته اسان وٽ هڪ ڏينهن جو وقت آهي. ڪميٽي ميمبرن کي به وقت ڏنو وڃي ته جيئن ڄاڻايل بل کي ??رکي سگهجي. ڪميٽي جي ميمبر زيب جعفر چيو ته بل کي ڪميٽي ۾ منظور ڪيو وڃي.