اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ??روڙ هي??اٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ڏس ۾ هي??اٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ??يڻ جي ضرورت آهي، وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هي??اٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سا?? اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سا?? جگر جي ڪينسر جي وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. صدر اها ڳالهه هي??اٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو جمعي ڏينهن (28 جولاءِ) تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان هي??اٽائيٽس ۽ لاڳاپيل بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هي??اٽائيٽس جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هي??اٽائيٽس بي ۽ سي وائرس کان صحت کي تمام وڏو خطرو آهي ۽ ان سا?? سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون بيماريون ۽ فوتگيون ٿين ٿيون، اوڀر بحيره روم جي علائقي ۾ هي??اٽائيٽس سي جي بيماري جو 80 سيڪڙو بار مصر ۽ پاڪستان تي آهي. مصر هي??اٽائيٽس سي جي خلاف جنگ ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اڃا به اسان جو ملڪ پنهنجي خطي ۾ ان بار جو هڪ وڏو حصيدار آهي. هن چيو ته هي??اٽائيٽس سي هڪ خطرناڪ ۽ خاموش بيماري آهي، اڪثر ان بيماري جون علامتون ان وقت تائين ظاهر نه ٿيون ٿين جيستائين ان سا?? جگر کي شديد نقصان نه پهچي چڪو هجي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان وائرس کان متاثر ماڻهو سا??ن تائين ان کي گڏ کڻي هلن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي جگر جي بيماري ۽ اڳئين اسٽيج جي ڪينسر جو خطرو ٿي وڃي ٿو، اسان کي پنهنجي قوم جي ڀلائي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هي??اٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ۽ جلد تشخيص کي ترجيح ??يڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ??روڙ هي??اٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي آهي ۽ اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پوري آبادي جي فعال طور تي اسڪريننگ ڪريون ۽ هي??اٽائيٽس مثبت ماڻهن جو فوري علاج ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هي??اٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سا?? اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن سا?? جگر جي ڪينسر جي تباهه ڪندڙ وبا پکڙجڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اڻ ڳڻين فوتگين، جگر جي بيماري ۽ معيشت تي وڏي بار جي صورت ۾ ان جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جي صحتمند ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ اڄ ئي قدم کڻڻا پ??ند??، هي??اٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي اسان هي??اٽائيٽس جي روڪٿام، ڪنٽرول ۽ خاتمي کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي ڌيان ڏيندي اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌائي رهيا آهيون، اسان کي هي??اٽائيٽس جو خطرو وڌائيندڙ عملن کي فوري طور تي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن ۾ هي??اٽائيٽس کان بچاءُ، اسڪريننگ ۽ علاج بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي.