اسلام آباد – 28 – جولاءِ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، ترقي جي حوالي س??ن منهنجو ن??ريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آه??، بلوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آه??. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪالهه هن وفاقي وزيرن، آرمي چيف، بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ حڪومتي آفيسرن سان گڏ گوادر ۾ اهم ڏينهن گذاريو، اسان ترقي، بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي منصوبن جي هڪ سلسلي جو سنگ بنياد رکيو آه?? جنهن سان علائقي جي تقدير بدلجي ويندي. وزيراعظم چيو ته هڪ اڌ ڪوششن جي باوجود بلوچستان اسان جي گڏيل غفلت جو نشانو بڻيو آه??، ان صوبي ٻين وفاقي اڪائين جي برابر ترقي نه ڪئي آه?? جو شرم جو سبب آه??. وزيراعظم چيو ته ترقي جي لاءِ ان جو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آه??. ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ ڀلائي ئي حقيقي ترقي جي ضامن آه??. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، جڏهن انهن جي ۽ انهن جي ٻارن جي زندگي ۾ بهتر تبديلي ايندي ته اهي ترقي جا مالڪ ۽ حصيدار بڻجي ويندا. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ايندڙ بدترين ٻوڏ دوران هن بلوچستان جي سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ حالتن جو پاڻ مشاهدو ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي س??ن ڳنڍيل آه??. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب دوران بلوچستان جي نوجوانن سان سندس ملاقات ان دوري جو هڪ اهم حصو هئي. انهن نوجوانن جي چمڪندڙ چهرن کيس يقين ڏياريو آه?? ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آه??.