اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي جمعي ڏينهن قرآ?? ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احت??اج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني قرآ?? ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احت??اج ۾ شريڪ ٿئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قوم جي احساسن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندي قرآ?? ڪريم جي تقدس جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪندو ۽ سوئيڊن سميت سڄي دنيا تي زور ڏيندو ته اسلام سميت سڀني مذهبن، مقدس هستين ۽ عقيدن جو احت??ام ڪيو وڃي. ناموس قرآن اسان جي ايمان جو حصو آهي. سوئيڊن سميت سڄي دنيا ۾ ڪٿي به قرآن جي بي حرمتي ڪنهن به مسلمان کي برداشت نه آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جا سڀئي امن پسند، مذهبي قومون ۽ عالمي ادارا مسلمانن جي دل ڏکائڻ، انهن جي لاءِ مقدس، ع??ام??ن جي خلاف نفرت پکيڙڻ، اسلامو فوبيا جا واقعا روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. دنيا کي شيطان صفت ڪردارن جي حوالي ڪرڻ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. دنيا کي بي امني، نفرت ۽ انتشار جي جهنم ۾ ڌڪڻ کان روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ئي پيغام ڏيڻ جي لاءِ سڀاڻي (جمعي ڏينهن 7 جولا) تي قرآ?? ڪريم جي ناموس جي لاءِ ملڪ گير احت??اج به ٿيندو. ريليون ڪڍيون وينديون، هر پاڪستاني قرآ?? ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احت??اج ۾ شريڪ ٿئي.