اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فوري عملدرآمد س??ن خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي، پنجاب ک??ن خيبرپختونخواهه کي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته اٽي جي پهچ جي عمل ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت ??ه ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب ک??ن خيبرپختونخواهه کي اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئي هئي، پنجاب ک??ن خيبرپختونخواهه کي اٽي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي پهچ جي مرحلن جي نگراني وزيراعظم پاڻ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اٽي جي پهچ جو ڪم تيز ڪيو وڃي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون نگران حڪومتون ان حوالي سان ر??بطو بهتر بڻائين، ان ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت ??ه ڪئي ويندي.